تلڪ شيام

تلڪ شيام (راڳڻي ):مشر ميل راڳڻي آهي، جيڪا تلڪ ڪامود ۽ شام ڪلياڻ جي ميلاپ سان ٺهي آهي. هن سمپورن راڳڻيءَ ۾ ٻئي سُر مڌم ڪومل ۽ باقي سر شد لڳن ٿا. هن راڳڻيءَ جو سرگم: ني پا ني سا- ري گا سا ري- ما پا ما گا- ري ما گا سا- ساري ما پا- ني ڌا پاني- سا پا ڌا ما- پا ري گا ما آهي. هن جي آروهي: پا نِي سا ري گا ما سا ري ما پا ڌا ني پاني سا ري ما گا سا ۽ امروهي: سا پا ڌا ما پا ما گا ري گا سا آهي، جڏهن ته وادي سُر: رکب ۽ سموادي سُر: ڌيوت اٿس. هن جي ڳائڻ جو وقت شام آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو